اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ اردن جي سفير ميجر جنرل (ر) ابراهيم يالا المدني مل??قا?? ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مسلمان ملڪن ۾ ويجهن رابطن سميت گڏ??ل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري، ??خاوت ۽ تاريخ جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏ??ل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن جو پارلياماني سطح تي مٽاسٽا سان ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۽ اردن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.