اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ملڪ ۾ اي لرننگ جي حوصلا افزائي ۽ فروغ جي لاءِ جلد فاصلاتي تعليم جي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اي لرننگ سان معاشري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن جي ش??گردن کي تمام گهڻو فائدو ٿ??ندو. هو ورچوئل يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو.