اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پن??هگ??هن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊ??نگ ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني ج?? رياست وانگر فلاح?? رياست طرف اڳڀر??ئي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پن??هگ??هه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.