اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حل لاءِ علامه محمد اقبال جي فڪر مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ??ن چيو ته پاڪستاني قوم ع??امه اقبال جي فڪر مان فائدو کڻي ته جيئن ملڪ ۽ مسلمان امت کي درپيش سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغ??م ۾ ڪيو.