اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي چيو آهي ته ??ليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارليامان?? معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي ج?? معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته ??ليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??سان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته ??نتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارليامان?? معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.