گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ و??ير??عليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. و??ير??عليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران و??ير??عظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران و??ير??عظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران و??ير??عظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ??يو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران و??ير??عظم چيو ته اسان جي ٻارن ?? سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت م??جود آهي.