اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته حڪومت وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته گذريل 6 هفتن ۾ مثبت ڪيسن جو سراسري 2 سيڪڙو هو جڏهن ته گذر??ل هفتي اها شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.