اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ??لڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ??لبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ??لبن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هو ??لڪ جي مختلف پريس ??لبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خط??ب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ??لب اسلام آباد سميت سڄي ??لڪ جي پريس ??لبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خط??ب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ??لڪ جي مختلف پريس ??لبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آ??ن انهن جي به مدد ڪئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ??لبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.