اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري ??عب?? جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏن?? آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين ت??ئين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين ت??ئين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏن?? وئ?? آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.