اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري وز??ر، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري وز??ر بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، وز??راعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.