اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪ??مت روس سان رع??يت?? قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، روس مان خام تيل جو س??مونڊي جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ روس مان ايندڙ تيل ج?? پهريون جهاز آهي، ان کي چوندا آهن واعدن کي پورو ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيو آهي، الحمدالله هڪ سال ج?? مخلصاڻي ۽ ديانتدار محنت رنگ آڻي رهي آهي.