اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ا??لاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي ا??لاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??لاس کي خطاب ڪن??ي ڪيو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، شنگهائي تعاون تنظيم جي ا??لاس دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي ا??لاس ۾ پاڪستان جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪن??اسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پاڪستان 2017ع ۾ مي??بر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ا??لاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ا??لاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي ا??ازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بر??فن?? بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??لاس ۾ ڪميٽي جي مي??برن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.