اسلام آباد – 31 – ??ئي (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سد??ئي?? انهن جي ٿورائتي رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 18 ??ئي تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي شفيق الرحمان جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي 24 ??ئي تي دته خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي جواد خان ۽ سعيدالله جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سد??ئي?? انهن جي ٿورائتي رهندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان لڳاءُ کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ ص??ر جي پڻ دعا ڪئي.