اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سلمان اقبال جي ڌيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سلمان اقبال جي ڌيءَ سمايا سلمان جي ن??ڍي ڄمار ۾ اوچتو لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ٿيو، ان ڏک کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ سلمان اقبال ۽ سندس گهرڀاتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته بي شڪ اسان الله جي لاءِ آهيون ۽ ا??له ئي طرف واپس وڃڻو آهي. هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.