رديگ – 18 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مند – پشين سرحد (پاڪستان ايران سرحد) جي دوري جي لاءِ رديگ (مند تعلقو) پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي دوري دوران بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻ مارڪيٽ جي مختلف حصن ج?? معائنو ڪيو ۽ ٻوٽو به پوکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم اورنگزيب، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير پڻ موجود هئا.