اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل عالمي مذهبي آزادي جي رپورٽ ۾ پاڪستان بابت بي بنياد دعوائن کي و??ضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ??ودمختيار رياستن جي اندروني معاملن بابت اهڙي طرح جي غلط رپورٽنگ بي معنيٰ ۽ غيرذميواراڻي آهي، جنهن جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??سان کي پنهنجي گهڻ رخي مذهبي ۽ سماجي قدرن تي فخر آهي. پاڪستان جو آئين سڀني پاڪستانين جي حقن ۽ آزادين جي تحفظ ۽ ان جي عقيدي تي قطعي طور تي ان کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي قانوني، پاليسي ۽ مثبت قدمن جي لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ مقرر ڪري ٿو. هن چيو ته ??هي حق ۽ آئيني ضمانتون هڪ آ??اد عدليه جي ذريعي محفوظ ۽ برقرار آهن. ترجمان چيو ته ??سان ان ڳالهه تي پڪو يقين رکون ٿا ته هر رياست جي اها بنيادي ذميواري آهي ته ??هي پنهنجي شهرين جي مذهبي حقن ۽ آزادي کي فروغ ۽ تحفظ فراهم ڪري. پاڪستان مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي حقن جي اهم سوال تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري سان تعميري تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته ??مريڪا سميت پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مسلم مخالف نفرت، نسل پرستي ۽ اسلامو فوبيا ۾ مسلسل اضافي بابت سنگين ڳڻتين جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ??سان اميد ڪريون ٿا ته ??المي حصيدارن سان گڏجي مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ ۽ اسلامو فوبيا جي انهن خطرناڪ شڪلين جو مقابلو ڪنداسين.