اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي فروغ ۽ ث??اف??ي ۽ تعليمي ادارن جي مدد جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ث??اف??ي تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد ا??مد المالڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار ا??مد ۽ صدر جو سيڪريٽري وقار ا??مد پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ کي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعا??ن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ قا??دا??ظم يونيورستي پاران پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالم اسلام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته يونيورسٽين کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آن ل??ئي?? تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ث??اف??ي تنظيم، تعليم، سائنس ۽ ث??اف??ج ي شعبن ۾ اسلامي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اسلامي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.