اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران ??ان جي ”عدالت کان بچايو“ تحريڪ پڻ وڊيو لنڪ تي هلندي، هي اهو شخص آهي جنهن چار سال حڪومت به وڊيو لنڪ تي هلائي، هاڻي عدالت کي چئي رهيو آهي ته آئون وڊيو لنڪ تي پيش ٿيندس، عدالتن کي ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق کي سمجهڻ گهرجي، تاريخن تي تاريخون نه ڏيڻ گهرجن، اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو ته ??و جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، عدالتن کي گهرجي ته اهي فوري طور تي عمران ??ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ??اريخ ۾ اهڙو جوابدار ناهي ڏٺو جنهن کي عدالت گهرائي ۽ پوءِ ان جو انتظار ڪري ۽ هو پيش نه ٿئي ۽ عدالت کي چوي ته آئون وڊيو لنڪ تي پيش ٿيندس. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جنهن چار سال حڪومت به وڊيو لنڪ تي هلائي ??هي?? ماڻهو ان جي لانگ مارچ ۾ گوليون کائيندا رهيا ۽ هي شخص پلستر ٻڌي زمان پارڪ ۾ وڊيو لنڪ تي ويٺو رهيو، هي چوي ٿو ته آئون عدالت بچاءُ تحريڪ هلائڻ چاهي رهيو ??هي??ن، اها عدالت بچاءُ نه ”عدالت کان بچايو“ تحريڪ ??هي?? هن کي عدالت ۾ پيش ناهي ٿيڻو ۽ افراتفري جاري رکڻي آهي ڇو ته ان کي ڊپ آهي ته ڪٿي معيشت ۾ استحڪام نه اچي وڃي ان لاءِ هن افراتفري مچائي رکي آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سان گڏ روزاني جي بنياد تي عدالت ۾ پيش ٿيندو هو. نواز شريف کي خبر هئي ته هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو. هن چيو ته عمران ??ان توشه خانه، فارن فنڊنگ ۽ پنهنجي ڌيءَ ٽيريان جي ڪيس ۾ پڻ پيش نه ٿيو، ان لاءِ ته ان وٽ ??و جواب نه ??هي?? عمران ??ان پوليس کي ڏسي هڪ ٻرِ مان نڪري ٻي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، عمران ??ان جي ڪهاڻي امپورٽيڊ حڪومت کان شروع ٿي ۽ هاڻي معذوري ۽ بزرگي تي پهچي چڪي ??هي. هن شخص آئين ۽ قانون جو تماشو بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته عمران ??ان عدالت کي چئي رهيو آهي ته آئون نه ايندس، جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران ??ان فارن ايجنٽ ??هي?? هن چپڙاسين جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي ??هي?? خيرات جو پئسو سياست ۾ استعمال ڪيو ??هي?? هي شخص اڄ تائين ڪنهن ڪيس ۾ پيش نه ٿيو، مالم جبه، بلين ٽري سونامي، بي آر ٽي پشاور، توشه خانه، فارن فنڊنگ سميت ٽيريان جي ڪيس ۾ پڻ پيش نه ٿيو ڇو ته ان کي خبر آهي ته اهي سڀ ڏوهه هن ڪيا آهن. هن چيو ته عدالتن کي گهرجي ته اهي فوري طور تي عمران ??ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين، عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ته وارنٽ گرفتاري تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.