اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو ??هي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو ??هي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀارت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي ت??مي?? جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو ??هي. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو ??هي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ ??هي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، س?? ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو ??هي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.