ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀ??و زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي ت?? پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آ??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ ف??ر جو لمحو ۽ چئلينج آ??ي. ??ن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم جي حيثيت سان اسان ک?? پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت ک?? پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آ??ي. ??ن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آ??ي. ??ن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي معياري تعليم جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آ??ي. ??ن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي نظ??م جي ذريعي ئي پاڪستان کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.