اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺن??ي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺن??ي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خ??م دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحال?? جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت ??ه ڪنداسين.