جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاري??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪ??دو. وزيراعظم ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪ??دو. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏي??دو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن س??ن ٻطرفيون ملاقاتون ڪ??دو. وزيراعظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪ??دو. ان کانسواءِ وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪ??دو.