اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏين??ن بلوچستان ??ي ضلعي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي ٻوڏ مت??ثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم صحبت پور ۾ ٻوڏ کان مت??ثر ٿيندڙ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جياخان ??ي نئين عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ س??يلن جو احوال ڄاڻڻ ۽ انهن جي دل جوئي ڪرڻ جي لاءِ انهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ س??يلن ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندو.