اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي ??ڌي رهيا آهن. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳا??هه ٻولهه دهشتگردي تي ??يندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳا??هه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ??ئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي ڳا??هه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳا??هه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي جنهن سان ممڪن نقصانن کي ??هٽ کان ??هٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.