اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عم??ان خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخ?? مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عم??ان خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخ?? لفظن ۾ م??مت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.