اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪر??يٽ ٽ??م جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪر??يٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪر??يٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪر??يٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪر??يٽ ٽ??م جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪر??يٽ ٽ??م جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪر??يٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪر??يٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪر??يٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪر??يٽ ٽ??م جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مه??ان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪر??يٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪر??يٽ ٽ??م جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪر??يٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪر?? جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.