سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فو??ين گذريل 75 سالن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس طرفان ڪالهه 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947?? کا?? ڀارت غير قانوني قبضي سان 35 لک کان وڌيڪ ڪشميري آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي فو??ين جنوري 1989?? کان 27 آڪٽوبر 2022ع تائين 96 هزار 140 ڪشميري شهيد ڪيا، جنهن ۾ 7 هزار 265 ڪشميرين کي حراست دوران وحشياڻي تشدد ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. ڀارتي فو??ين ان عرصي دروان هڪ لک 65 هزار 293 ڪشميرين کي گرفتار ڪيو، هڪ لک 10 هزار 495 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 22 هزار 951 عورتون بيواهه ٿيون، جڏهن ته هڪ لک 7هزار 883 ٻار يتيم ٿيا، ڀارتي فو??ين جنوري 1989?? کان هن وقت تائين 11 هزار 256 عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو، رپورٽ ۾ سرينگر ۾ قائم هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته والاري?? ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فو??ين جو انگ 15 لک هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، ڀارتي فو?? جي جوانن جو تعداد 7 لک 50 هزار، پيرا ملٽري اهلڪارن جو انگ 5 لک 35 هزار، پوليس اهلڪارن جو انگ هڪ لک 30 هزار، اپيشل پوليس آفيسرن جو انگ 35 هزار جڏهن ته 50 هزار وليج ڊفينس ڪميٽيون آهن، مجموعي طور اهو تعداد 15 لک هڪ هزار بڻجي ٿو.