مدينه من??ره – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي ڪامياب دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سا?? ملاقات ڪئي ۽ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. وزيراعظم مڪه المڪ??مه ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ مدينه من??ره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪئي. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي جي خاص زيارت ڪرائي وئي.