اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ??ند?? جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪا??فر??س پڻ ??ند??. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کان??وء?? پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ??ند?? جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان س??گرم ڪارڪنن س??ن ملاقات کان??وء?? ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن س??ن ڳالهه ٻولهه ??ند??. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کان??وء?? هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين س??ن ڳالهه ٻولهه پڻ ??ند??.