فيصل آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستان جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي ??ي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون ??ن جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عالمي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي فوري حل ۽ اتي ڀاريت فوج جون ??اصباڻيون ڪارروايون فوري روڪيون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عالمن جي وفد سان ملاقات ۾ مرڪزي عالم ڪائونسل پاڪستان جي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو ته هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا پر عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي مسئلي کي انساني ۽ عالمي حقن جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرتمند ڪشميرين جو حريت جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري ورتو پر اهي انهن جي آزادي جو جذبو ۽ شوق ش??اد?? ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون ??دترين پائماليون ۽ خلاف ??رز??ون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون ??موريون ننڍيون وڏيون ??اقتون ??ن تي خاموش آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.