مري – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته م??ي ايڪسپريس وي جي مرمت جي ل??ءِ ضروري قدم کنيا وڃن، هر 15 ڪ??وم??ٽر تي بهترين معيار جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي ل??ءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تعميراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وزيراعظم م??ي ايڪسپريس ويس جي ل??ءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته هزاره موٽروي جي معياري ڪم کي نظر ۾ رکندي م??ي ايڪسپريس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزاره موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري معياري ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم ايڪسپريس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تعميرات روڪڻ 7 هر 15 ڪ??وم??ٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي معياري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم مري جي ل??ءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تعليمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نيو مري جي تعمير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي سهولت عالمي معيار موجب بڻائڻ جي ل??ءِ عالمي بڊنگ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ اڳ??ڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ موجود هئا.