اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان و??يڪ ملڪن ۾ قابل قب??ل هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪستان جي شموليت ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تم??م گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ٿيل دستاويز 100 کان و??يڪ ملڪن ۾ قابل قب??ل هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفي??رن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي و??يڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.