اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ۾ فلائيٽ آپريشن جي معطلي جي ڪري ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ب??ان موجب ا??رائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ايئرپورٽ کي شديد نقصان جي ڪر?? فلائيٽ آپريشن معطل ٿي وئي، فلائيٽ آپريشن جي ڪري زيارتن تي ويل 160 پاڪستاني شام ۾ ڦاسجي ويا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني کي پاڪستانين جي فوري وطن واپسي کي يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستاني سفارتخاني چيو ته شام ۾ ڦاٿل سمورن پاڪستانين سان سفارتخاني جو رابطو قائم آهي، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جا جلد انتظام مڪمل ڪ??ا ويندا.