اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪميشن ۾ مل??ه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳ??پن جي استحڪام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي ع??ام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي مل??ن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳ??پن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.