اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوت?? نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي ه??وا?? ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوت?? نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.