اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگ??دن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا ونگ پ??را?? ج??ري بيان مو??ب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگ??دن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي سليمان وقاص، سپاهي جنيد علي، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي وقار احمد، سپاهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خرا?? عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگ??دن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.