اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پ??جاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ا??جنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ا?? ڏکڻ پ??جاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ا??جنڊا ۾ شامل ڪرڻ ج?? حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پ??جاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان م??لس?? جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پ??جاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ ج?? اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پ??جاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.