اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، مصنوعي ذهانت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، پاڪ??تا?? ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي، پاڪ??تا?? هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪ??ڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪ??ڻ گهرجي، سائبر حملن جي تدارڪ لاءِ موثر ??دم?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪ??تا?? ۾ ٽيڪنالاجي گيپ تمام گهڻو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي ڪري ئي ٽيڪنالاجي سستي هج?? جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، هن چيو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آهي پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آهي، اهو واضح رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ابتڙ ننڍيون ڪمپنيون وڌيڪ ڪامياب رهيون آهن، هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ مخصوص سببن ۽ مسئلن جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ان جي صلاحيت موجود آهي، ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آهي، ان نئين رجحان روايتي تعليمي نظام کي چئلينج ڪيو آهي، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، صدر چيو ته پاڪ??تا?? ۾ روايتي تعليم نظام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هج?? جي ڪري فڪري سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري ماڻهن جي پهچ وڌي آهي، پاڪ??تا??ي هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪ??ڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪ??ڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آهي، صدر چيو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سائبر وار جي طور تي پاڪ??تا?? ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آهن، انهن جي ازالي لاءِ موثر ??دم?? جي ضرورت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت ٿيندي، پاڪ??تا?? ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آهن، اسان جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪوڙيون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آهي.پاڪ??تا??ي نوجوانن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪ??تا?? جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان ممڪن ٿيو آهي، هن پاڪ??تا?? انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان مقابلي ۾ پوري پاڪ??تا?? کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ وينچر ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ ۾ مدد ملندي، ان موقعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کانپوءِ صدر ان موقعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو.