اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ض??رو?? آهي، حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فر??هم ڪرڻ ??اء?? پرعزم آهي، صحافي برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فر??هم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل ??اء?? هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ??اء?? شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا ??هيون. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل ??اء?? مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.