اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ري??يف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ مل?? جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقت??اد?? معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خا??، توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اع??يٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس مل?? جي مجموعي اقت??اد?? صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خا?? ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ري??يف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.