اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي ل??ءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن ل??ءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن ??ي قرض ل??ءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي ل??ءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن ??ي ل??ءِ قرض درخواستن ۾ ر??زا??ي جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.