اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪم??ٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ ان??ان?? بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ا??غانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪم??ٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪم??ٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪم??ٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب ان??ان?? صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري ان??ان?? بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو ??هي. ڪم??ٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته ا??غانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته ا????ان?? امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.