اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ ئي ملڪ ۾ ان ??وذي مرض جو شڪار ٿيندڙ 40 هزار عورتن جون زندگيون بچائڻ جو واحد رستو آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور آگاهي مهمن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ خدشن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي عورتن کي فوري طبي مدد وٺڻ بابت هٻڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر پنهنجي زال ثيمنه علوي سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ عوام کي حساس بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جهڙي اس??ندڙ ملڪ ۾ احتياط ۽ پرهيز ڇاتي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مهانگي طبي علاج کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي، هن چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته هو عورتن کي تعليم، صحت ۽ هراسيت کان بچاءُ سميت سمورين سهولتن تائين پهچ ڏي. صدر صحافين تي زور ڏنو ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ ان ??وضوع کي نمايان ڪري ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان ??ڌ آگاهه ڪري سگ??جي،
ان ??وقعي تي بيگم ثمينه علوي چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ سن??س آگاهي مهم جي پيش نظر ميڊيا پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان ??وضوع کي موثر طريقي سان اجاگر ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هو هن مهيني ۾ مختلف شهرن جي ڪاليجن جو دورو ڪندي ته جيئن ڇوڪرين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي حوالي سان شعور بيدار ڪري سگ??جي. هن خاندانن جي مردن تي به زور ڏنو ته هو ان بيماري سان جڙيل مصيبتن جو ازالو ڪن ۽ مناسب طبي سارسنڀال لاءِ عورتن جي مدد ڪن. وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي سنگيني جي پيش نظر لاڳاپيل صحت جي ادارن جي صلاحيتن کي م??بو?? ڪرڻ جي ضرورت آهي.