اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي ??ستي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي ??نجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ کي ??ستي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي ??ستي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ??ن مان فائدو ک??ڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو ??هي.