اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي ??فد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ا?? ڏس ۾ حڪومت جو تع??ون گهربل آهي. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي ??روغ لاءِ سازگار ماحول جي ??راهمي لاءِ پرعزم آهي.