اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشهور عالم دين علامه طالب ??وهري جي پٽ اسد جوهري کي ٽيليفون ڪري سندس و??لد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مذهبي هم آهنگي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.